قاضي حسين احمد هڪ مدبر سياستدان

مجاهد چنا

قاضي حسين احمد هڪ مدبر سياستدان

قاضي حسين احمد1938 ۾ خيبرپختونخوا جي ضلعي نوشهره جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، سندس والد محترم عبدالرب هڪ برک عالم دين ۽ پنهنجي علمي ۽ سياسي بصيرت سبب ان وقت جمعيت علماءَ هند سرحد صوبي جو امير هو. جمعيت علماءِ اسلام هند جو برک عالم مولانا حسين احمد مدني سان والد جي خاص عقيدت مندي هجڻ ڪري ئي پنهنجي پٽ جو نالو ان جي نسبت سان حسين احمد رکيو جيڪو اڳتي هلي قاضي حسين احمد جي نالي سان جماعت اسلامي جو مرڪزي امير ۽ مدبر سياستدان طور ڄاتو ويو. قاضي حسين احمد پنهنجي ڏهن ڀائرن ۽ ڀينرن مان سڀ کان ننڍو هجڻ باوجود علم توڙي سياسي بصيرت ۾ سڀني کان اڳرو هيو.
سياسي جدوجهد جي شروعات:
1987ع ۾ جماعت اسلامي جو ٽيون امير چونڊجڻ کان پوءِ هن ”ڪاروان محبت ۽ اخوت“ جي نالي سان ڪراچي کان خيبر تائين ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ٻهراڙي جي ڳوٺن جو قافلي جي اڳواڻي ڪندي دورو ڪيو. جنهن دوران ڪيترن ئي اڳواڻن جماعت اسلامي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ پڻ وڏي پئماني تي پهريون ڀيرو عوام الناس تائين جماعت اسلامي جي دعوت ۽ پيغام کي عام ڪيو ويو. هن کان اڳ ۾ هوءَ شاگردي واري زماني ۾ اسلامي جمعيت طلبه ۾ شامل ۽ بعد ۾ پشاور شهر جو امير ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري جماعت اسلامي پاڪستان جي عهدن تي پڻ رهي چڪو هو. ياد رهي ته قاضي صاحب کان اڳ ۾ جماعت اسلامي جو پهريون ۽ باني امير مولانا سيد مودودي ۽ ٻيو امير ميان طفيل محمد رهي چڪا آهن
ايم ايم اي جو قيام:
ملڪ ۾ فرقيواريت جي خاتمي توڙي ديني هم آهنگي ۽ مذهبي ووٽ کي جمع ڪرڻ واري مقصد خاطر 2001ع ۾ ديني جماعتن جو اتحاد “متحده مجلس عمل” جوڙيو ويو. جنهن جو پهريون ۽ باني صدر جي يوپي جي علامه شاه احمد نوراني مرحوم کي چونڊيو ويو. ان جي وفات کانپوءِ قاضي حسين احمد ايم ايم اي جو صدر ٿيو. ايم ايم اي جي قيام جا ٽي بنيادي مقصد هئا. پهريون اهو ته ” اسلامي قانون جي بالادستي ۽ اسلامي نظرياتي ڪونسل جي سفارشن مطابق قانون سازي“ ٻيو: ” آئين جي بحالي جو تحفظ ۽ غير آئيني ترميمن ۽ اقدامات جو سدِ باب“ ٽيون: ”عام چونڊن کي آزاد، غير جانبدار ۽ شفاف انعقاد کي يقيني بڻائڻ هو“ ان جي نتيجي ۾ 2002ع وارين چونڊن ۾ سڄي ملڪ ۽ سرحد ۾ خاص طور تي مجلس عمل کي شاندار سوڀ ملي، قاضي حسين احمد ايم ايم اي جو پارلياماني ليڊر طور پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان سرانجام ڏنيون. هن کان اڳ ۾ قاضي حسين احمد 1995ع ۾ پڻ ملي يڪجهتي ڪونسل جوڙي ديني جماعتن کي پاڻ ۾ ويجهو اچڻ، شدت پسندي توڙي فرقيواريت جي خاتمي لاءَ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هڪ سچو ۽ کرو انسان:
قاضي حسين احمد کي ملڪ ۾ هڪ سچي ۽ کري سياستدان طور سڃاتو وڃي ٿو، پرويزمشرف جڏهن هڪ جمهوري حڪومت تي راتاهو هنيو ته سڀ کان پهريون ان جي مذمت ۽ مخالفت ڪئي.اهڙي طرح پاڻ جڏهن ايران جي دوري تي هئا ته ايم ايم اي جي قيادت پنهنجي پر ۾ سٺو سمجهندي مشرف جي سترهين ترميم جي حمايت ڪئي پر قاضي حسين احمد واپس اچي ان عمل تي سخت ناراض ٿيا، ايم ايم جي اتحاد کي برقرار رکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻ باوجود قيادت طرفان آمر مشرف جي سترهين ترميم جي حمايت تي پنهنجي غلطي تسليم ڪندي ڪيترائي ڀيرا ميڊيا آڏو عوام کان معافي ورتي. قاضي حسين احمد سان عام ماڻهن توڙي پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي محبت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندن امارت جي دور ۾ هن سان بيحد محبت ۽ لڳاءُ جي نتيجي ۾ نوجوانن سان گڏ پوڙها ۽ بزرگ به اهو نعرو لڳائيندا هئا ته :
” ہم بیٹے کس کے قاضی کے،ہم بازو کس کے قاضی کے“
مُهم جو اڳواڻ: قاضي حسين احمد ٻين خوبين سان گڏ ڪنهن به مُهم يا تحريڪ کي توڙ نڀائڻ جي خوبي جو مالڪ هو، جهاد افغانستان، عوام دشمن حڪومتي فيصلن خلاف ڌرڻا هجن يا جماعت اسلامي جي ڪابه عوامي توڙي دعوتي مُهم هجي. پاڻ هر مرحلي ۾ متحرڪ ٿي ان کي توڙ تائين پهچائي پوءِ ئي دم پٽيندا هئا. “ظالمو قاضی آرہا ہے” جهڙا نعرا به ان جي دور ۾ ئي مقبول ٿيا هئا.
فيض، اقبال، غالب ۽ قاضي:
قاضي صاحب کي علامه اقبال جي اُردو توڙي فارسي جو پورو ڪلام حفظ هئڻ سان گڏو گڏ کاٻي ڌر جي ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض ۽ فراز جي شاعري پڻ زباني طور تي ياد هئي. قاضي حسين احمد هڪ تقريب ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي ان وقت حيران ڪري ڇڏيو هو جڏهن قاضي صاحب کاٻي ڌر جي ترقي پسند ۽ انقلابي شاعر فيض احمد فيض، فراز ۽ حبيب جالب جي شاعري ذريعي مخاطب ٿيندي فيض، غالب ۽ فراز جي هَر هاري ۽ غريبن لاءِ ڏنل سبق مطابق اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جو چيو هو. ان تي محترمه قاضي صاحب جا ٿورا پڻ مڃيا، فيض جي نياڻي منيزه هاشمي لکي ٿي ته ” محترمه بينظيرڀٽو ڪافي ڀيرا انهيءَ تقرير جو ذڪر مون سان ڪندي رهندي هئي“ ڪنهن سچ چيو آهي ته گل هاءِ رنگا رنگ سان ئي چمن جي زيب ۽ زينت وڌي ٿي، قلب کي وسيع رکجي ۽ تنگ دلي کان توبهه ڪجي.!
5 فيبروري ڪشمير ڏهاڙو: قاضي حسين احمد مرحوم ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم ۽ بربريت خلاف ڪشميري عوام جي جدوجهد کي پاڪستاني عوام جي دلين تائين پهچائڻ لاءِ 1990 ۾ ملڪ اندر پهريون ڀيرو هر سال 5 فيبروري تي “ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن” ملهائڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي وڏي پيماني تي پذيرائي ملي ۽ ملڪ جي چئني صوبن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوام ان ڏينهن تي ريليون، هٿن جي زنجير، مظاهرا، سيمينار ۽ جلسا جلوس ڪڍي ڪشميري عوام جي جدوجهد کي ڀيٽا ۽ ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو، بعد ۾ حڪومت پاڪستان پڻ مجبور ٿي سرڪاري سطح تي اهو ڏهاڙو ملهائڻ ۽ عام موڪل جو اعلان ڪيو. محترم قاضي حسين احمد آمريڪي صدر جارج ڊبليو بُش ۽ برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر پاران عراق مٿان ڪيمائي هٿيار رکڻ جهڙا جڙتو ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳائي جڏهن عالمي قائدن ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي عراق مٿان حملو ڪيو ۽ لکين عراقين کي شهيد توڙي ملڪ کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو تڏهن به اهو مردِ مجاهد قاضي حسين احمد هو جنهن سڀ کان پهريان عراق پهچي صدر صدام حسين سان ملاقات ڪئي ۽ مظلوم عراقي عوام جي مدد جو اعلان ۽ جارح قوتن جي شديد مذمت ڪئي هئي.
هڪ خداترس ۽ مدبر سياستدان:27ڊسمبر 2007ع تي جڏهن پنڊي ۾ محترم کي شهيد ڪيو ويو ته قاضي حسين احمد کي سخت صدمو رسيو، قاضي صاحب پنهنجا سڀئي تنظيمي پروگرام ڪينسل ڪري ، جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ اسدالله ڀٽو سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجي سڄي مرڪزي ٽيم سميت نئون ديرو پهتا ۽ آصف علي زرداري ۽ شهيد جي ٻارن سان تعزيت ۽ ڏک جو اظهارڪيو. اهڙي طرح سان قاضي صاحب جا کاٻي ڌر جي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن، دانشورن، شاعرن توڙي صحافين سان پڻ ذاتي ۽ دوستاڻا لاڳاپا هئا. سندس خيال ۾ ته نظرياتي اختلاف پنهنجي هنڌ تي پر ذاتي توڙي سماجي رابطا هر ڪنهن سان هجڻ گهرجن. اها ئي جمهوري معاشرن جي سڃاڻپ هوندي آهي. اهڙي طرح ملڪي تاريخ جو هڪ روشن باب ۽ چمڪندڙ ستارو 6هين جنوري 2013ع تي اسان کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي پنهنجي آخري منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. الله تعالى کان دُعا آهي ته شال کيس جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي. آمين
ماڻهوءَ سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه ، اچي بوءِ بهار جي.