نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ سخت ڪوھيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي نيشنل هاءِ وي سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ نذر جي حد ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته ٿڌ ۾ اضافو ٿيڻ ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن هوڏانهن موٽروي پوليس پاران نيشنل هاءِ وي تي غير ضروري سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ فوگ لائيٽ جي استعمال سميت گاڏين جي رفتار گهٽ رکڻ جو پڻ چيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي سخت سيءَ جي باوجود ٻار اسڪول وڃڻ تي مجبور بڻيل آهن
0 تبصرے