ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، ٻن عورتن سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، ٻن عورتن سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٺٽو(ڊر) ٺٽو پوليس جون ڪامياب ۽ دبنگ ڪارروائيون روزانو جاري، ضلع ٺٽو جي سماجي، مذهبي ۽ سياسي جماعتن توڙي شهرين طرفان پوليس کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. هيروئن ۽ گٽڪو مٽيريل سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام 2 عورت منشيات فروش ۽ 1 گٽڪو مٽيريل سپلائر سميت 3 جوابدار گرفتار، 500 گرام هيروئن، 300 ڪلو گٽڪو مٽيريل، 400 پُڙيون گٽڪو ماوا ۽ 2 موبائل فون برآمد، ڪيس داخل.ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي عمل ڪندي،ايس ايڇ او ٿاڻو گھارو انسپيڪٽر محمد علي دامرا پنهنجي عملي سان گڏ خفيه اطلاع ملڻ بعد نيشنل هاءِ وي روڊ فلٽر بس اسٽاپ ۽ آري ڪيمپ اسٽاپ وٽ ڪامياب ڪارروائيون ڪري 2 عورت منشيات فروش جوابدار مسمات ماريا عرف رابعہ زوجه معشوق ۽ مسمات راحيلا عرف ريحانه زوجه سڪندر، رهواسي گھارو شهر، کي 500 گرام هيروئن ۽ 2 موبائل فون سميت گرفتار ڪيو.گرفتار جوابدار مسمات ماريا عرف رابعہ چانڊيو اڳ ئي ٿاڻو گھارو ۾ منشيات جي ڪيس ۾ روپوش هئي.ٻئي پاسي ايس ايڇ او ٿاڻو جھرڪ انسپيڪٽر گل حسن ڪچهيار پنهنجي عملي سان گڏ گشت دوران نوري آباد کان جھمپير روڊ بسم الله چوڪ وٽ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڊمپر نمبر TAT-194 ذريعي گٽڪو مٽيريل سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي، هڪ جوابدار محمد اويس ولد اورنگزيب تنولي کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس ڊمپر کي قبضي ۾ وٺي 300 ڪلو گٽڪو مٽيريل ۽ 400 پُڙيون گٽڪو ماوا برآمد ڪري ورتو.گرفتار جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي نارڪوٽڪس ايڪٽ ۽ گٽڪو ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ٺٽو پوليس جي روزاني ڪامياب ۽ دبنگ ڪارروائين تي ضلع ٺٽو جي سماجي، مذهبي ۽ سياسي جماعتن توڙي شهرين، ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي، انسپيڪٽر محمد علي دامرا، انسپيڪٽر گل حسن ڪچهيار ۽ پوري پوليس پارٽي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.