دادو جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ کلي ڪچهري منعقد

صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽرنادرعلي جمالي ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرحسن جان چنگيزي ملازمن جا مسئلا ٻڌا

دادو جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ کلي ڪچهري منعقد

دادو (ڊ ر) دادو صوبائي محتسب اعلي جوريجنل ڊائريڪٽرنادرعلي جمالي ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرحسن جان چنگيزي گڏيل طور ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس دادو ۾ کلي ڪچهري ڪري سرڪاري ملازمن جا مسئلا معلوم ڪيا جتي ڪجهه ماڻهن پنهنجا مسئلا پيش ڪيا جن تي فوري طور ڪجهه حڪم جاري ڪيا ۽ اڪائونٽس آفيس جي ملازمن کي گهرائي پڇاڻو ڪيوويو ۽ موقعي تي ضروري حڪم جاري ڪيا ۽ عرضدارن کي پڪ ڏياري ته سندن مسئلاترجيحي بنيادن تي حل ڪياويندا ان موقعي تي عرضدارن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر دادو حسن جان چنگيزي چيوته فنڊن جي کوٽ سبب ايل پي آر ۽ ڪموٽيشن جي ادائگين ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته ان مد ۾ هڪ ارب ۽ 35 ڪروڙروپين جي ضرورت آهي جڏهن ته اسان کي 5 ڪروڙ 7لک روپين جا فينڊ ملي رهياآهن هن چيوته سندس ڪوشش رهي آهي ته ملازمن جا وڌ ۾ وڌ مسئلا حل ڪيا وڃن ان موقعي تي محتسب اعلي جي ريجنل ڊائريڪٽرچيوته سندس ڪوششس آهي ته ماڻهن جا مسئلابنا ڪنهن خرڇ جي جلد کان جلد حل ٿي سگهن ۽ هن قسم جي کليل ڪڇهرين سان ماڻهن کي هن قسم جي کليل ڪچهرين سان ماڻهن کي رليف ملي رهيوآهي هن عرضدارن ۽ صحافين ڳالهائيندي چيوته صوبائي کاتن جي مسئلن جي حل لاء سندس دروازوه 24 ڪلاڪ کليل آهن ۽ پنهنجن مس.لن جي حل لاء ڪيربه ساڻس ملي سگهي ٿو ان موقعي تي اسسٽنٽ رجسٽرار سميع الله جويو ، عبدالطيف سولنگي ، علي شير جهيجو ۽ ٻيا موجود هئا