خاص معاون راجوير سنگھ سوڍا جو سنڌ آرڪائيوز جي دوري دوران اهم جائزو

راجوير سنگهه کي تاريخي نقشا، قديم دستاويز، ۽ انهن جي بحالي، مرمت ۽ تحفظ بابت بريفنگ ڏني وئي

خاص معاون راجوير سنگھ سوڍا جو سنڌ آرڪائيوز جي دوري دوران اهم جائزو

عمرڪوٽ/ڪراچي (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ انساني حقن جي فروغ لاءِ اهم اڳڀرائي وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون براءِ انساني حقن، معزز راجوير سنگھ سوڍا، ڪالهه سندس آرڪائيوز جي آفيس ۾ معزز سرفراز راڄڙ، خاص معاون براءِ سنڌ آرڪائيوز سان ملاقات ڪئي، دوري دوران، راجوير سنگھ سوڍا صاحب کي ڊائريڪٽر آرڪائيوز، ھدايت ﷲ راڄڙ ۽ پي.ايس. عبدالغني گوپانگ پاران سنڌ آرڪائيوز جي مختلف شعبن جو دورو ڪرايو ويو، سنڌ آرڪائيوز جي ٽيم پاران معزز مهمان کي تاريخي نقشا، قديم دستاويز، ۽ انهن جي بحالي، مرمت ۽ تحفظ جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، راجوير سنگھ سنڌ آرڪائيوز جي ڪم تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ آرڪائيوز سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جو خزانو آهي، جنهن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، آخر ۾ ٻنهي معزز شخصيتن سنڌ آرڪائيوز جي بهتري لاءِ گڏيل جاري رکڻ تي زور ڏنو.