جنگشاھي ۾ گرلز پرائمري اسڪول منگر خان پليجو جي عمارت زبون حالي جو شڪار

سينيٽر سسئي پليجو جي اباڻي ڳوٺ جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ

جنگشاھي ۾ گرلز پرائمري اسڪول منگر خان پليجو جي عمارت زبون حالي جو شڪار

ٺٽو ( ڊر)جنگشاھي ۾ گرلز پرائمري اسڪول منگر خان پليجو زبون حالت جو شڪار — پڙھائي جو عمل متاثر، نياڻين جو مستقبل خطري ۾ تفصيل موجب سابق ضلعي چئرمين غلام قادر پليجو ۽ سينيٽر سسئي پليجو جي اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ قائم گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪيترن ئي سالن کان زبون حالت جو شڪار آهي، ڇت مان چاپڙ ڪرڻ روزاني معمول بڻيل آهي جنهن سبب تدريسي عمل سخت متاثر ٿيو آهي۔ اسڪول جي هيڊ مسٽريس موجب، عمارت جي خستگي سبب والدين پنهنجين نياڻين کي اسڪول موڪلڻ کان لنوائن ٿا، جنهن ڪري حاضري ۽ تعليم ٻنهي تي منفي اثر پئجي رهيو آهي۔ هن چيو ته ڇت مان چاپڙ ڪرڻ سبب هر وقت جاني نقصان جو انديشو موجود آهي۔ هيڊ مسٽريس تعليم کاتي کي اپيل ڪئي آهي ته اسڪول جي ڇت جي مرمت فوري طور ڪرائي وڃي ته جيئن نياڻين کي محفوظ ماحول ۾ تعليم جاري رکڻ جي سهولت ملي سگهي۔ علائقي واسين پڻ وزير تعليم سنڌ، ايم پي اي ٺٽو، ايم اين اي ٺٽو ۽ صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي مرمت ۽ بحالي لاءِ فوري نوٽيس وٺي، ڇو ته نياڻين جو مستقبل ان سان جڙيل آهي۔