English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
187 views
|
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پريس ڪلب جي بهتري ۽ ميمبرن جي تربيت لاءِ پروگرامز منعقد ڪرڻ جو فيصلو
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊيءَ جو اجلاس صدر بلاول سمون جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ پريس ڪلب جي بهتري ۽ ميمبرن جي صحافتي تربيت جي حوالي سان مختلف تربيتي پروگرامن جي انعقاد جو فيصلو ڪيو ويو۔صدر بلاول سمون پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ضلعو ٺٽو پنهنجي سياسي، سماجي ۽ جاگرافيائي بيھڪ جي لحاظ کان سنڌ جو هڪ منفرد ضلعو آهي، جيڪو جبلن، ميداني علائقن، دريائي پٽي ۽ ڊگهي سامونڊي ڪناري تي مشتمل آهي۔ هن چيو ته اهڙي قدرتي وسيلن سان مالا مال ضلعي ۾ روزگار ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ نه هجڻ گهرجي۔هن جو چوڻ هو ته صحافين جي ذميواري آهي ته هو عوام جا حقيقي مسئلا اجاگر ڪن ۽ مظلومن جو آواز بڻجي سندن ڏک درد کي اقتداري ايوانن تائين پهچائين۔ بلاول سمون وڌيڪ چيو ته صحافت کي ذاتي مفاد بدران عوامي خدمت جي جذبي سان سرانجام ڏيڻ گهرجي۔اجلاس کي جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي، نائب صدر عبيدالله جماري، منظور پالاري، اي بي شورو، مجاهد واريو ۽ ٻين ميمبرن پڻ خطاب ڪيو۔ مقررن ضلع ۾ وڌندڙ "آئس" نشي جي رجحان تي گھري تشويش جو اظهار ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته ان تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي۔ انهن ايس ايس پي ٺٽو ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته نوجوان نسل کي تباهي کان بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن۔اجلاس ۾ نوجوانن تي زور ڀريو ويو ته هو سوشل ميڊيا جو مثبت انداز ۾ استعمال ڪندي پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارين ۽ صحافتي ادارن ۾ شامل ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔ صدر يقين ڏياريو ته عوامي پريس ڪلب ٺٽو نوجوانن جي هر ممڪن رهنمائي ڪندو۔ان کان علاوه، اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي اندر ڪم ڪندڙ مختلف اين جي اوز جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو ۽ انهن جي جاري منصوبن جو تفصيل عوام تائين پهچايو ويندو۔ اجلاس ۾ اهو پڻ طئي ڪيو ويو ته ڊي سي ٺٽو جي هدايتن مطابق مقامي نوجوانن جي روزگار جي تناسب جو پڻ مشاهدو ڪيو ويندو۔اجلاس ۾ محمد شفيق ڀٽي عبدالرشيد سولنگي، مختيار جان چانڊيو، عاشق علي سولنگي، فقار علي جوکيو، زاھد امير جوکيو، علي حيدر سومرو، عدنان سمون، خالد ڪيهر، فاروق شيخ، بلاول ٻاٻڙو، ارشاد جوکيو، ڪامريڊ زاھد ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل
0 تبصرے