نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ نئون شهمير ديرو واسين جو پوليس خلاف احتجاج

انيس چنا کي سولنگي برادري جي ماڻهن قتل ڪيو هو، ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي: مظاهرين

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ نئون شهمير ديرو واسين جو پوليس خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ نئون شهمير ديرو جي رهواسي چنا برادري جي ماڻهن جو بکري پوليس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي راشد علي چنا، علي نواز، عمر الدين، رمضان چنا ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ٽي سال اڳ اسان جي نوجوان انيس چنا کي سولنگي برادري جي ماڻهن قتل ڪيو هو جيڪو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي ۽ هڪ جوابدار غلام شبير سولنگي جيل ۾ آهي باقي جوابدار ٻاهر آهن جن جو هڪ نوجوان زاهد ماڇي ڪجهه ڏينهن اڳ انڙ برادري جي جهيڙي ۾ قتل ٿي ويو آهي جن جي هڪ ٻئي سان سڱاوتي تڪرار تان دشمني هلندڙ هئي هنن چيو ته سولنگي برادري جي ماڻهن زاهد جي قتل ڪيس ۾ اسان جي مقتول انيس چنا جي قتل ڪيس جي فريادي رياض چنا جو نالو بيگناهه ڏنو ويو آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار غلام شبير، پٺاڻ ۽ امام بخش سولنگي وارا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن انيس چنا جي ڪيس تان هٿ نه کڻندو ته ٻين جا نالا به زاهد سولنگي جي ڪيس ۾ کولرائينداسين هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ،سيشن جج نوشهروفيروز سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري رياض چنا جو ڪيس مان نالو خارج ڪري انصاف ڪيو وڃي