English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پرويز احمد چانڊيو پاران ماڊل ٿاڻي جو افتتاح
107 views
|
06th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
حڪومت ھڪ ڪروڙ روپيا جاري ڪيا جنھن مان نوشهرو فيروز ٿاڻي کي ماڊل تعمير ڪيو ويو آهي: ڊي آءِ جي پرويز احمد چانڊيو
نوشهرو فيروز (ڊ ر)ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پرويز احمد چانڊيو ۽ ايس ايس پي روحل کوسو ماڊل ٿاڻي نوشهرو فيروز جو افتتاح ڪري ڇڏيو۔ ان موقعي تي ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد پرويز احمد چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت شروعاتي طور سنڌ جي ھر ضلعي ۾ 3 ٿاڻا ماڊل ڪيا وڃن پيا۔ هن وقت ڊويزن شھيد بينظير آباد ۾ ھڪ سانگهڙ۔ نوشھرو فيروز ۽ شھيد بينظير آباد ۾ هڪ هڪ ٿاڻو ماڊل ڪيو ويو آهي اسان جي پوليس جوانن شڪايت ڪئي ته حڪومت اسان جي ٿاڻن جي ڪاب پرگھور نه ٿي لھي ان تي اسان آءِ جي صاحب کي لکيو ٿاڻڻ کي ڪجھ فنڊ ڏيو ته اتي ايندڙ ماڻھن کي ويھڻ جي جاءِ صحيح ملي يا ٿاڻي مقرر ٿيل عملو آفيسر صحيح ويهي سگهجن ۽ ايمانداري سان فرض ادا ڪري سگهن هن چيو ته حڪومت ھڪ ڪروڙ روپيا جاري ڪيا جنھن مان نوشهرو فيروز ٿاڻي کي ماڊل تعمير ڪيو ويو آهي ھاڻي اسان بجيٽ وڌرائي آهي ھن سال مورو۔ ڪنڊيارو ۽ محرابپور ٿاڻا ماڊل ٿيندا۔ ڊي آءِ جي وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته حڪومت پوليس جي جوانن لاء ھاڻي وڏيون سھولتون ڏنيون آھن ھر جوان کي ھيلٿ ڪارڊ ڏنو آهي جيڪي پاڻ پنھنجي ماءُ پيءُ پٽ ۽ ڀيڻ جو فري علاج ڪرائي سگهي ٿو ان کان علاوه جوانن لاء ٻي به وڏي سھولت آھي ڪو به پوليس جو جوان پنھنجي ٻار کي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ سرڪاري خرچ تي پڙھائي سگھي ٿو اھا اسان جي جوانن کي خبر ئي ڪانه ھئي گذريل سال مان ميسيج ھلايو ته جيڪي به پوليس جوان ٻار ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙھڻ چاھين ته ٻار وٺي اچن پوء انھن مان 55 ٻار آيا انھن کي ھڪ مھينو مان ھتي آفيس ۾ ٽيوشن ڏياري جڏھن انٽرويو ۾ ويٺا 24 سليڪٽ ٿي ويا انھن جو مھينو 8,لک روپيا خرچ آهي جيڪو سنڌ حڪوت ڀريندي ھاڻي پوليس جي جوانن کي کپي ته ايمانداري سان ڊيوٽي ڪن صحافين سوال ڪيو ته امن امان تمام خراب آھي ان جو جواب ڏيندي چيو ته روحل صاحب بهترين آفيسر آهي انشا الله تعالي جلد امن بحال ٿيندو نوشھرو فيروز سان وڏو الميو اھو آھي ته ڪوبه ايس ايس پي ھتي رھي نه ٿو سگھي گذريل چئن مهينن ۾ 3 ايس ايس پي بدلي ٿيا آهن ان سبب جي ڪري به ڏوهارين کي اسپيس مليو آهي امن امان لاء ھتان جا رهواسي۔ صحافي۔ وڏيرا۔ ڀوتار به ڪو ڪردار ادا ڪن ته امن ٿي سگھي ٿو۔ پر ڪو به سچائي نه ٿو ڏيکاري ايس ايس پي روحل کوسو چيو ته مان کوسن وارو مسئلو حل ڪيو باقي به ھل ٿي ويندا۔ تمام جلد ڏوهارين جو نيٽ ورڪ ٽوڙي امن بحال ڪنداسين۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز
ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پرويز احمد چانڊيو
ماڊل ٿاڻي
0 تبصرے