English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سافڪو پاران پورو مهينو جشن آزادي ۽ يوم دفاع تقريبون ملهائڻ جو اعلان
155 views
|
06th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سليمان جي ابڙو جي صدارت ۾ اجلاس، پاڪستان کي ترقي پسند بنائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جو عزم
حيدرآباد (پريس رليز) سافڪو گروپ پاران جشن آزادي ۽ يوم دفاع جون تقريبون پوري هڪ مهيني تائين ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو گذريل ڏينهن سافڪو گروپ جي باني ۽ سربراهه ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن (14 آگسٽ) ۽ دفاع واري ڏينهن (6 سيپٽمبر) کي انهن ڏهاڙن جي اهميت، قومي اتحاد، قرباني ۽ فخر وارن ڏهاڙن طور اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان کي وڌيڪ پائيدار ۽ ترقي پسند ملڪ بنائڻ بابت اجتماعي ذميواريءَ تي زور ڀريو. سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته آزاديءَ کان وڌيڪ ڪا به نعمت ناهي. ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهڻ لاءِ سڀ کان پهريون شرط آزادي آهي ۽ خدا جو شڪر آهي ته اسان اڄ آزاد آهيون ۽ دنيا اندر پاڻ کي ترقي يافته قوم ثابت ڪرڻ واري سفر ۾ ڪاميابين سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن وقت ملڪي معاشي ۽ سلامتي واري بهتر صورتحال سبب پوري دنيا ۾ اسان کي وقار جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سافڪو سپورٽ فائونڊيشن جي سي اِي او بشير احمد ابڙو ۽ سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرز ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائيزيشن جي مئنيجر مصطفيٰ راڄپر چيو ته سافڪو گروپ پنهنجي سهڪاري ادارن سان گڏجي لڳاتار پوري هڪ مهيني تائين جشن آزادي ۽ يوم دفاع وريون تقريبون ملهائيندو، جنهن سان قومي يڪجهتيءَ واري جذبي کي هٿي وٺرائي ويندي. گڏجاڻيءَ ۾ سافڪو جي ٽنهي ادارن سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرس ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائزيشن، سافڪو سپورٽ فائونڊيشن ۽ سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني جي انتظاميا ۽ ٻئي عملي شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
سافڪو گروپ
جشن آزادي ۽ يوم دفاع
0 تبصرے