عوام کي وڌ کان وڌ روزگار ڏئي بک بدحالي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو آهي: نظير احمد ٻگهيو

پ پ ملڪ جي وڏي جمهوري پارٽي آهي، عوام جي دلين مان پ پ کي ڪير به ڪڍي نه ٿو سگهي: حزب الله ٻگهيو

عوام کي وڌ کان وڌ روزگار ڏئي بک بدحالي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو آهي: نظير احمد ٻگهيو

ڏوڪري(رپورٽر) عوام کي وڌ کان وڌ روزگار ڏئي بک بدحالي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو آهي.سنڌ سميت ملڪ جي عوام کي اجهي، اٽي ۽ لٽي سميت روزگار ڏيڻ اولين ترجيح آهي(سردار نظير ٻگھيو) تفصيل موجب ڏوڪري ۾ پ پ ايم اين اي سردار نظير احمد ٻگھيو، اڳوڻي ايم اين اي سردار حزب الله ٻگهيو ۽ محمد علي امر ٻگهيو جي مان ۾ ڏوڪري جي معزز شخصيت حاجي نظير ٻگھيو ۽ ﷲ بخش ٻگھيو طرفان تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي پ پ ايم اين اي سردار نظير احمد ٻگھيو ۽ اڳوڻي ايم اين اي سردار حزب الله ٻگهيو چيو ته پ پ ملڪ جي وڏي جمهوري پارٽي آهي، عوام جي دلين مان پ پ کي ڪير به ڪڍي نه ٿو سگهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ٿيا آهن، هر ڳوٺ کي روڊ رستو، نالين سميت اسڪول ٺهرايا ويا آهن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ روزگار ڏئي بک بدحالي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو آهي. پ پ ايم اين اي نظير احمد ٻگھيو چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي، سنڌ سميت ملڪ جي عوام کي اجهي، اٽي ۽ لٽي سميت روزگار ڏيڻ اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي هزارين نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو آهي، جنهن سبب عوام پ پ سان بي انتها محبت ڪري ٿو. پ پ اڳواڻ محمد علي امر ٻگهيو چيو ته عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪئي اھي، عوام جا بنيادي مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سردار علي ڏنو گاڏهي،وڏيرو نصرت حسين ٻگهيو،غلام سرور جوڻيجو، محمد جمن ٻگھيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.