ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڪجهه وقت اڳ ور شھر ۾ پيش آيل دل ڏاريندڙ واقعو جتي چانڊيا برادري جي ٽن جوابدارن گوڙو چانڊيو، محمد چانڊيو ۽ اظهار چانڊيو هٿان ڳوٺ صحبت خشڪ جو رھواسي پورهيت محمد موسيٰ ولد حسين ملاح بيدردي سان قتل ٿي ويو هو ۽ نظير ولد گل حسن ملاح سخت زخمي ٿي معذور بڻجي ويو هو جنھن تڪرار جو ٻنهي ڌرين جي رضاڪاراڻي رضامندي سان حل ٿي ويو. اهو فيصلو ضامن هائوس گھوڙاٻاري ۾ پ پ پ اڳواڻ ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور جي سرپئنچي ۾ ٿيو. جرڳي ۾ ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، ٽائون ڪميٽي گھوڙاٻاري جي چيئرمين محمد رمضان پنھور، شاھنواز لوھار، پير سڪندر شاھ، حاجي غلام چانڊيو، حاجي الھبخش چانڊيو، شير خان چانڊيو، رئيس حسن علي زنگياڻي، شھباز چانڊيو، امتياز خشڪ، خير محمد ملاح، يار محمد ملاح، مسڪين جمن ملاح، محمد علي ملاح، غلام نبي، نظير خشڪ، رمضان بروهي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين جي متفقه فيصلي تحت قتل ٿي ويل محمد موسيٰ ملاح جي وارثن کي خون ڀاءُ طور 25 لک رپيا ۽ زخمي نظير ملاح جي علاج لاءِ 5 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو ٻنهي ڌرين قبول ڪيو. ان فيصلي بعد هاڻي ٻنهي ڌرين طرفان عدالت ۾ رضا ناما پيش ڪري قتل ڪيس ختم ڪرائي، جيل ۾ قيد ٽنهي جوابدارن جي آزادي لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. ان جرڳي کي علائقي واسين طرفان امن جي اڳڀرائي طرف قدم قرار ڏيندي ساراهيو ويو.!
0 تبصرے