English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي نوشهروفيروز جي ھڪ گڏجاڻي ٿي گذري
136 views
|
17th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ .ر ) ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي نوشهروفيروز جي ھڪ گڏجاڻي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ سندس آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ٿي جنهن ۾ چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ کان بچاء بابت ڪيل اڳواٽ انتظامن جو جائزو ورتو ويو . ان موقعي تي لاڳاپيل کاتن پاران ڪيل اڳواٽ احتياطي قدمن ۽ انتظامن بابت ڄاڻ ڏني . گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم چيو تہ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران ھن سال چوماسي جون وڌيڪ برساتن پوڻ جو امڪان ظاهر ڪندي مڪمل احتياطي قدم کڻڻ جو چيو آهي . انڪري آبپاشيءَ کاتي سميت سڀئي کاتا برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪن تہ جيئن ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کان بچي سگھجي . ھن سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي چيو تہ مختلف کاتن سان ويجھو رابطو رکن ۽ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ . ھن لوڪل گورنمنٽ جي آفيسرن کي چيو تہ امڪاني برساتن دوران شھرن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائن ۽ ڊرينيج سسٽم ۽ پمپنگ اسٽيشنن کي فعال رکيو وڃي ۽ انھن کي ھلائڻ لاءِ متبادل توانائي جي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.هن پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته تمام پمپنگ اسٽيشنن جي ضروري مرمت ۽ بحالي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي چيو تہ چوماسي جي برساتن دوران صحت جون بنيادي ۽ ضروري سهولتن سميت اي ايس وي ۽ اي آر وي جي ويڪسين کي يقيني بڻايو وڃي . ھن ريسڪيو 1122 جي انچارج کي ھدايت ڪئي تہ اھي ڪنھن بہ امڪاني صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رھن گڏجاڻِي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون صدام حسين ميمڻ، ايڊيشنل ڊي سي (ٽو) غلام علي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ عبدالجبار تڳر، ايڪسين سيپڪو نوشهرو فيرز، مورو، پي ڊي اسڪارپ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو مهم بابت گڏجاڻي.
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي
نوشهروفيروز
0 تبصرے