بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

سياسي سماجي اڳواڻ احمد شاھھ ڪاظمي سان امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جاري

سنڌي خبرون 09th Oct 2023 244 مناظر

سن واري رھائشگاھھ تي احمد شاھھ ڪاظمي سان ملڪ سڪندر خان، سھيل شورو ۽ ٻين تعزيت ڪئي

ڪراچي (رپورٽر)سياسي سماجي اڳواڻ سيد احمد شاهه ڪاظمي جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو ھلندڙ. مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ سيد احمد شاهه ڪاظمي سان سن واري رھائش گاھ تي پھچي تعزيت ڪئي. تفصيل موجب سياسي سماجي اڳواڻ گلشن سيد ٽين جي باني سيد احمد شاهه ڪاظمي جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي جڏھن ته سيد احمد شاهه ڪاظمي ٻہ ڏينھن ڪراچي واري رھائش گاھ تي تعزيت وصول ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي کان سن شھر روانو ٿي ويو جتي سندس سان مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ملڪ سڪندر خان، سھيل احمد شورو، ارباب علي سمون، شمن راھپوٽو. ڏونگر خان کوسو، سائين بخش رند، دوست علي رند، حاڪم ھنڱورو، نورداد کوسو، ظفر برفت. امام بخش کوسو ۽ ٻين معززين سن پھچي سيد احمد شاهه ڪاظمي سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي ايثال ثواب لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ