جمعرات، 26 نومبر 2026
بریکنگ

لاڙڪاڻي ڀرسان ڦر مزاحمت تي چاچو ڀائٽيو قتل، 2 ڄڻا زخمي، وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو

سنڌي خبرون 26th Nov 2026 3 مناظر
لاڙڪاڻي ڀرسان ڦر مزاحمت تي چاچو ڀائٽيو قتل، 2 ڄڻا زخمي، وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو

فائرنگ جي نتيجي ۾ خيرپور جي ڳوٺ علي مراد ڪلهوڙو واسي 27 ورهين جي بچل ڪلهوڙو ۽ 40 ورهين جي محرم ڪلهوڙو مارجي ويا

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽريڪٽر سوار 2 پورهيتن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، وارثن جو لاش اوٺا چوڪ تي رکي ڌرڻو، قتل ۾ ملوث هٿياربندن جي گرفتاري جو مطالبو لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد نائچ لاڙي وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽريڪٽر سوار خيرپور ضلعي جي ڳوٺ علي مراد ڪلهوڙو واسي 27 ورهين جي پورهيت بچل ڪلهوڙو ۽ 40 ورهين جي محرم ڪلهوڙو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل ورتا اهڙي واقعي خلاف مقتولن جي وارثن لاش اوٺا چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا وارث ٽريڪٽر تي پلال کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن کين ٽريڪٽر تان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن هنن ڊي آءِ جي ايس ايس لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي جنهن جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ