جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

پيپلز ڊاڪٽرز فورم سنڌ جي وفد جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو سان ملاقات

سنڌي خبرون 26th Mar 2024 138 مناظر

پيپلز ڊاڪٽرز فورم سنڌ جي وفد جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز ڊاڪٽرز فورم سنڌ جي وفد پاران صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سان ملاقات ڪري قلمدان ملڻ تي مبارڪون ڏنيون. پيپلز ڊاڪٽرز فورم سنڌ جي وفد صدر ڊاڪٽر عبدالرزاق شيخ، ڪراچي ڊويزن جو صدر ڊاڪٽر عاشق حسين شاهه، ڊاڪٽر عديل سمون، ڊاڪٽر مسعود کوسو، بشير صديقي، ڊاڪٽر عادل، ڊاڪٽر خير محمد ناريجو، ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ، ڊاڪٽر بشرا ميمڻ ،ڊاڪٽر ماہ نور بلوچ، ڊاڪٽر سرواڻ جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو کي صوبائي وزير ۽ صدر آصف علي زرداري جي صدر بڻجڻ تي پڻ واڌايون ڏنيون ۽ گلدستو پيش ڪيو، پيپلز ڊاڪٽرز فورم سنڌ جي وفد سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ کي پڻ عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون پيپلز ڊاڪٽرز فورم سنڌ جي وفد اپيل ڪئي پ پ چيئرمين جي ويزن ۽ آصف زرداري جي ويزن تحت هيلٿ ۾ نئون انقلاب آڻڻ، صحت ۾ اڳ کان وڌيڪ انرجيتڪ ڪم ڪرڻ، ڊاڪٽر برادري جا بنيادي مسئلا، ترقين جا مسئلا، ريگيوليشن، اپگريڊ، مريض جا مسئلا هجن، اسپتالن جا مسئلا، مينيجمينٽ ڪيڊر سميت ٻين مسئلن تي غور ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ