جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

سينيئر صلاحڪار ۽ انچارج وفاقي محتسب ڪراچي انوار حيدر پوسٽل لائف انشورنس جو دورو

سنڌي خبرون 10th Nov 2023 42 مناظر

سينيئر صلاحڪار ۽ انچارج وفاقي محتسب ڪراچي انوار حيدر پوسٽل لائف انشورنس جو دورو

ڪراچي (پورٽر)سينيئر صلاحڪار ۽ انچارج وفاقي محتسب ڪراچي سيد انوار حيدر پوسٽل لائف انشورنس جي آفيس جو دورو ڪيو. هن پي ايل آئي جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي ڪارڪردگي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.سيد انوار حيدر پي ايل آءِ جي ڊائريڪٽر جي غير حاضري جو سخت نوٽيس ورتو ۽ سندس غير حاضري تي خدشن جو اظهار ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته پي ايل آءِ جي ڪراچي آفيس عملي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. جنرل مئنيجر جي پوسٽ خالي هئي، اڪثر ملازم جلد رٽائر ٿيڻ وارا هئا.سينيئر صلاحڪار سيد انوار حيدر چيو ته اداري جو وسيع ڪاروبار هو، ان تي هزارين پاليسيون وڪرو ٿي رهيون هيون، جيڪي گهٽجي ڪجهه سؤ تي اچي ويون آهن. سيد انوار حيدر وڌيڪ چيو ته شهرين کي اڳ ۾ جاري ڪيل پاليسيون حاصل ڪرڻ ۾ به ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.وفاقي محتسب جي سينيئر صلاحڪار سيد انوار حيدر چيو ته اهو پراڻو ادارو هو جيڪو سستي انشورنس فراهم ڪري رهيو هو، هاڻي ان کي زوال جي صورتحال اچي وئي آهي جنهن تي مناسب ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ايل آءِ جي صورتحال تي سخت ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن هدايت ڪئي ته عملي جي تعداد، خالي پوسٽن ۽ ٻين اهم تفصيلن بابت رپورٽ وفاقي محتسب جي آفيس کي موڪلي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ