جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڪئنالن خلاف ريلي ۽ ڌرڻو

سنڌي خبرون 08th Apr 2025 239 مناظر
مورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڪئنالن خلاف ريلي ۽ ڌرڻو

نواز خان زنئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو

مورو (جاني جماڻي) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڪينالن خلاف مورو باء پاس نيشنل ھاء وي تي ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي چيئرمين نواز خان زئنور، جسم اڳواڻ هاشم کوسو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته تڪراري ڪئنالن جي اڏاوت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا وسيلن تي قبضا ڪرڻ جي سازش خلاف جدوجهد جاري رهندي. ڌرڻي دوران شرڪت ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي متنازعہ ڪئنالن جي تعمير روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ