بدھ، 25 نومبر 2026
بریکنگ

هڱورجا ۾ هٿياربندن جي زور تي ڳوٺاڻي کان ڦرلٽ، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

سنڌي خبرون 25th Nov 2026 3 مناظر
هڱورجا ۾ هٿياربندن جي زور تي ڳوٺاڻي کان ڦرلٽ، قومي شاهراهه تي ڌرڻو
ھڱورجا(رپورٽر)هڱورجا قومي شاهراه تي هٿياربندن جي ڦرلٽ، سهتا منڱڻاپوٽا برادري جو ڌرڻو، روڊ بند، گاڏين جون قطارون لڳي ويون تفصيل موجب هنڱورجا قومي شاهراه تي هاءِ اسڪول سامهون ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 نامعلوم هٿياربندن ڳوٺاڻي عبدالرزاق منڱڻاپوٽو قمبر منڱڻاپوٽو کي روڪي هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.ڦرلٽ واري واقعي ۽ هنڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سهتا منڱڻاپوٽا برادري جي ماڻهن رفيق سھتو رزاق سھتو غلام قادر سھتو محمد علي جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پنجاب کان ايندڙ ۽ ويندڙ ٽريفڪ جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته هنڱورجا ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي، پر پوليس انتظاميه امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرايا وڃن ۽ علائقي ۾ امن امان بحال ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ