بدھ، 25 نومبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ ڳرا ڪرايا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي، ڏنڊ مقرر

سنڌي خبرون 25th Nov 2026 2 مناظر
شڪارپور ۾ ڳرا ڪرايا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي، ڏنڊ مقرر

آر ٽي سيڪريٽري پاران شڪارپور شهر ۽ مختلف شاهراهن تي مسافر گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي

شڪارپور (احسان ابڙو) وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ضلعي انتظاميا جي ڪارروائي، مسافرن کي 12 هزار رپيا واپس، 8 هزار رپيا ڏنڊ تفصيل موجب گذريل آر ٽي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا جي هدايتن تي مسافرن کان مقرر ڪرايي کان وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ، گاڏين ۾ غيرقانوني سلينڊرن جي موجودگي ۽ مسافرن کي پيش ايندڙ تڪليفن جو جائزو وٺڻ لاءِ آر ٽي سيڪريٽري پاران شڪارپور شهر ۽ مختلف شاهراهن تي مسافر گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي.ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شرجيل نور چنا جي نگرانيءَ ۾ سيڪريٽري آر ٽي شڪارپور وسيم ميمڻ، ٽريفڪ سارجنٽ شير محمد شيخ، ٽريفڪ پوليس جي وڏي منشي نعمان ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جي عملي گڏيل ڪارروائي ڪندي شڪارپور کان سکر ۽ شڪارپور کان ڪراچي ويندڙ ۽ ايندڙ مسافر گاڏين جا ڪرايا چيڪ ڪيا. چيڪنگ دوران مسافرن کان سڌيءَ ريت معلومات حاصل ڪئي وئي ۽ کانئن وصول ڪيل ڪراين بابت پڇا ڳاڇا ڪري جائزو ورتو ويو. مقرر ڪرايي کان وڌيڪ رقم وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪندي مسافرن کي مجموعي طور 12 هزار رپيا واپس ڪرايا ويا، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي 8 هزار رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو. سيڪريٽري آر ٽي شڪارپور موجب ڪارروائي دوران مجموعي طور 25 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي. ضلعي انتظاميا واضح ڪيو آهي ته مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙن، غيرقانوني سلينڊر استعمال ڪندڙن ۽ ٽرانسپورٽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، جيئن عوام کي محفوظ ۽ مناسب سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ