جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪنري ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران وڻڪاري مهم جو افتتاح

سنڌي خبرون 10th Dec 2024 255 مناظر
ڪنري ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران وڻڪاري مهم جو افتتاح
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران سينيئر سول جج سامارو سجاد احمد چانڊيو، سول جج ڪنري جئہ سورج ۽ عمرڪوٽ بار جي سينيئر وڪيلن محمد اسماعيل ڪنڀر، پرشوتم کتري، خميسو خان چوھاڻ ۽ ٻين سان گڏجي جوڊيشل ڪامپليڪس ڪنري پھچي وڻ لڳائي شجرڪاري مھم جو آغاز ڪيو، ان موقعي تي ھن جوڊيشل ڪامپليڪس ڪنري ۾ عوام جي سھولت لاءِ موبائل چارجنگ اسٽيشن ۽ ڪتاب پڙهڻ لاءِ بوڪ اسٽال جو پڻ افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ھن چيو ته موسمي تبديلي توڙي ماحول کي بھتر بنائڻ جي لاءِ وڻ لڳائڻ تمام ضروري آھي، ھن چيو ته عوامي جاين تي وڌ ۾ وڌ وڻ لڳائڻ گھرجن ته جيئڻ عوام کي بھتر ماحول فراهم ٿي سگهي، ان موقعي تي ھن ٽائون ڪميٽيءَ ڪنري جي عملدارن کي ھدايت ڪندي چيو ته شھر جي وڌ ۾ وڌ صفائي سٿرائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ان موقعي تي ٽائون ڪميٽيءَ ڪنري جي ٽائون آفيسر جھانزيب آرائين، فاريسٽ کاتي جي عملدارن، تعلقہ ڪنري جي بار جي وڪيلن سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ