جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري: ڳوٺ وڪڙو واسڻ عورت جي بااثرن پاران مبينا قيد ڪرڻ خلاف دانهڻ واري وڊيو وائرل

سنڌي خبرون 02nd Feb 2024 274 مناظر

ڏوڪري: ڳوٺ وڪڙو واسڻ عورت جي بااثرن پاران مبينا قيد ڪرڻ خلاف دانهڻ واري وڊيو وائرل

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ وڪڙو ۾ شادي شدہ عورت مسمات عائشہ سولنگي جي گهر تي بااثر ماڻهن جو مبينا قبضو ڪيو ويو آھي جڏھن ته قتل ڪرڻ جون پڻ ڌمڪيون ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن جڏھن عورت جي اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آھي،جڏھن ته متاثر عورت جو چوڻ ھو ته بااثر ماڻهن گهر تي قبضو ڪرڻ لاء سندس گهر جي ٻاهران در بند ڪري تالا هڻي ڇڏيا آهن. ٻچن سميت بک تي قيد ڪئي وئي آهيان.هن ايس ايس پي ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کي نوٽيس وٺي تحفظ ڏياريڻ جي اپيل ڪئي آھي جڏھن ته متاثر عورت عائشه سولنگي جو چوڻ ھو ته منهنجو گهر ذاتي ملڪيت آهي جنهن تي ڳوٺ جا بااثر ماڻهو ڏاڍ ڪري زبردستي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا.جنهن لاء هن کيس ۽ ٿن جي ٻارن کي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.بااثر ماڻهو سندس ٻارن ۽ کيس قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جان جو خطرو آهي نوٽيس وٺي تحفظ ڏنو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ