ڪراچي ۾ پي آءِ ايڇ ايم ٽي پاران شاگردن جا کاڌي پچائڻ جا مقابلا ڪرايا ويا
ٻن ڏينھن تائين جاري مقابلن ۾ پٿم مان تربيت حاصل ڪندڙ شاگردن حصو ورتو
ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ھوٽل مينيجمينٽ اينڊ ٽوارزم ( پٿم) پاران ورلڊ شيف ڊي جي حوالي سان اداري اندر فرسٽ ڪلينري ڪمپيٽيشن کاڌي پچائڻ جا مقابله ڪرايا ويا.ٻن ڏينھن تائين جاري رھندڙ مقابلن ۾ ڄاڻايل اداري مان تربيت حاصل ڪندڙ شاگردن وڏي تعداد م حصو ورتو، ٻن ڏينھن تائين جاري رھندڙ تقريب جو افتتاح ڪلچر ۽ ٽوارزم کاتي جي سيڪريٽري عليم لاشاري ء اداري جي ڊائريڪٽر ھدايت الله راڄڙ، ايڊمن انچارج سيد ذوالفقار علي شاھ ڪيو، فرسٽ ڪلينري ڪمپيٽيشن جي مختلف ڪيٽيگريز جن م پاڪستاني،ڪانٽينيٽل، چائنيز،سي فوڊ سميت ڊيزرٽ کاڌن م وڏي تعداد م پٿم جي شاگردن حصو ورتو،جن پنھنجا کاڌا ٺاھي پريزنٽيشن ڏني،ان موقعي تي ڊائريڪٽر ھدايت الله راڄڙ چيو ت شيف ڊي جي حوالي سان اداري پاران پنھنجن شاگردن جي حوصلا افزائي ء اداري جي تيار ٿيل کاڌن جي عالمي سطع تي پذيرائي وٺرائڻ لاء اسان فرسٽ ڪلينري ڪمپيٽيشن کاڌا ٺاھڻ جا مقابلا ڪرايا آھن،جنھن م حصو وٺڻ لاء اداري مان فارغ ٿيل شاگردن زور ء شور سان حصو ورتو آھي ء مختلف کاڌا تيار ڪري پريزنٽيشن لاء پيش ڪيا آھن،ھن چيو ت اڄ 20 آڪٽوبر تي شام جو مرڪزي تقريب ڪوٺائي ويندي جنھن جو مھمان خاص نگران صوبائي وزير ڪلچر ء ٽوارزم ھوندا،جڏھن ت پرڏيھي شيفن کي ب مدعو ڪيو ويو آهي ،ڪامياب ٿيلن کي انعام ء سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا.