جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي مشھور راڳي عاشق نظاماڻي جي نياڻي جو انسانيت دوست قدم

سنڌي خبرون 03rd Nov 2025 283 مناظر
سنڌ جي مشھور راڳي عاشق نظاماڻي جي نياڻي جو انسانيت دوست قدم
لاڙڪاڻو (بيورو)سنڌ جي مشھور راڳي عاشق نظاماڻيء جي نياڻي ھونھار انگريزي ماسترياڻي مھوش جتي پنھنجي اسڪول جي ٻارن کي پڙھائڻ سان گڏ سندن علاج پڻ ڪرائڻ لڳي انسانيت جو احساس رکندڙ ۽ روحاني والدين جو حق ادا ڪندڙ نھايت ئي محنتي ماسترياڻي مھوش پاران پنھنجي ڪلاس جي تعليم سان چاھ رکندڙ سورنھن سالا شاگرد منصور علي پٽ غلام محمد سولنگيء جو پٿريء جو آپريشن پنھنجي ھڙان وڙان ڪرائي تعليم دوست ۽ انسانيت جو درد رکڻ جو ثبوت ڏنو آھي لاڙڪاڻو جي تعلقي باقراڻيء جي فريد آباد بوائز ھاء اسڪول ۾ ڏھين ڪلاس جي ٽيچر نوجوان نياڻي مھوش ٻڌايو ته مونکي انسانيت سان تمام گھڻي محبت آھي استاد پنھنجي شاگردن جا روحاني والدين ھوندا آھن جڏھن ته سندن ذھني تربيب ڪرڻ سان گڏ سندن جسماني صحت جي سار سنڀال لھڻ به استاد جي ذميواري آھي الله پاڪ جي رضا خاطر غربت سبب بھتر نموني علاج نه ڪرائي سگھندڙ پنھنجي ڪلاس جي ھڪ محنتي ۽ علم سان چاھ رکندڙ شاگرد منصور عليء جو پٿريء جو آپريشن ڪرايو آھي جنھنتي پنجاھ ھزار کان مٿي پيسا خرچ ٿيا آھن جڏھن ته منھنجي خواھش آھي ته مان پنھنجي اسڪول جي غريب ۽ مسڪين بيمار شاگردن ۽ شاگردياڻين جو بھتر نموني علاج ڪرائي سگھان ته جيئن سندن تعليم متاثر نه ٿئي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ