عالمي امن کي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌ کان وڌ خطرو آهي: عالمي امن مارچ جا اڳواڻ
ڪوآرڊينيٽر رافيل ڊي لا روبيا جي اڳواڻي ۾ ڊيڪليئر ھاگو، جوز انتونيو ڪاراويلا، تلسي سيڊگل، ڊي لوڪا فيڊريڪا، ڪرشن شرما ۽ ٻين دورو ڪيو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سول سوسائٽي اڳواڻن جي ٽئين عالمي مارچ، امن ۽ عدم تشدد جي ٽيم آچر ڏينھن ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو، ٽي عالمي مارچ امن عدم تشدد جي ٽيم ڪور آرڊينيٽر ۽ نوبل پرائز ڪميٽي ميمبر اسپين واسي رافيل ڊي لا روبيا جي اڳواڻي ۾ آسٽريليا جي ڊيڪليئر ھاگو، انگلينڊ جي جوز انتونيو ڪاراويلا، نيپال جي تلسي سيڊگل، اٽلي جي ميلان واسڻ ڊي لوڪا فيڊريڪا ۽ پي ايڇ ايم ايم سي جي صدر ڪرشن شرما شامل ھئا، ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي آيل مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي تاريخ جي حوالي سان آگاھي ڏني، عالمي امن مارچ جي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ عالمي امن هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌ کان وڌيڪ خطرو آهي. ان ڪري، تڪڙ جي احساس سان، اسان کي، ڌرتيءَ جي عام شهرين کي، امن ۽ عدم تشدد جي مقصد لاءِ عزم ڪرڻ گهرجي ۽ قدم کڻڻ گهرجن. ھنن چيو تھ اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا، جنهن ۾ غير انساني رويا وڌي رهيا آهي، جتي گڏيل قومون به هاڻي عالمي تڪرارن جي حل ۾ ڪو به ڪردار نه آهي. هي دنيا جيڪا ڪيترين ئي جنگين ۽ موت جي منھن ۾ وڃي رهي آهي، جتي غالب ۽ اڀرندڙ طاقتن جي وچ ۾ ”جيو پوليٽيڪل پليٽس“ جو ٽڪراءَ شهري آباديءَ کي سڀ کان پهرين متاثر ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي گورننگ باڊي جي ميمبرن شمس ڪيريو، رانا جاويد عمران، نور محمد ڪلھوڙو ۽ ٻيا سينيئر صحافي موجود ھئا، جڏھن تھ آخر ۾ آيل مھمانن کي اجرڪ جا تحفا اوڍايا ويا.