جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٽنڊو غلام علي ويجهو ٻن ٻارن جي پيءُ مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 16th Nov 2023 69 مناظر

ٽنڊو غلام علي ويجهو ٻن ٻارن جي پيءُ مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊوغلام علي(رپورٽر) ٽنڊوغلام علي لڳ ڳوٺ ظهور نظاماڻي ۾ ٻن ٻارن جو پيءُ رتنو ڪولهي گهر ٻاھران وڻ ۾ رسو ڳچي ۾ وجهي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي اطلاع تي پوليس لاش کڻائي سرڪاري اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. فوتي جي پيءُ ماوجي ڪولهي ٻڌايو ته منهنجو پٽ مون سان گڏ ماني کائي اُھيو چئي نڪتو ته بابا آئون مزدوري تي وڃان پيو ته صبح جو وڻ ۾ ٽنگليل لاش مليو ھن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناھي ھن ٻڌايو مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته ھن خودڪشي ڇو ڪئي نوجوان جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ