بدھ، 25 نومبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ پوليو انتظامن بابت اجلاس

سنڌي خبرون 25th Nov 2026 2 مناظر
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ پوليو انتظامن بابت اجلاس

ڊاڪٽر حسن نثار عالمي سطح تي پوليو جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ ڊسمبر جي پوليو کان بچاءَ واري مهم جي انتظامن ۽ تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ ضلعي پوليو ايريڊيڪيشن ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر حسن نثار عالمي سطح تي پوليو جي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي بابت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران پوليو مهم جي پهرين ۽ ٻئي ڏينهن، ڇنڇر ۽ آچر تي پيش ايندڙ امڪاني چئلينجز، انهن جي حل ۽ مؤثر حڪمت عملي بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته سمورن مائڪرو پلانز جي ٽي ايف پيز ذريعي 100 سيڪڙو تصديق يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنرز مائڪرو پلانز جي نگراني ۽ مانيٽرنگ واري عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻائين. هن اسسٽنٽ ڪمشنرز کي ٽي ايف پيز سان گڏ ٽي پي اي سيز جا اجلاس منعقد ڪرڻ جون پڻ هدايتون ڏنيون، ته جيئن مهم جي تيارين کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته سمورن لاڳاپيل صحت مرڪزن کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن ته جيئن پوليو مهم جي پهرين ۽ ٻئي ڏينهن اهي کليل رهن ۽ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ وارو عمل بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي. هن پوليس کاتي کي پڻ هدايت ڪئي ته مهم دوران سامهون ايندڙ سخت انڪاري ڪيسن بابت هوشيار رهندي پوليو ٽيمن سان سهڪار ۽ ضروري قدم کڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ