جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

هڱورجا ڀرسان حادثي ۾ پيرسن عورت فوت، سندس پٽ زخمي

سنڌي خبرون 28th Apr 2026 329 مناظر
هڱورجا ڀرسان حادثي ۾ پيرسن عورت فوت، سندس پٽ زخمي
ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا قومي شاھراھ تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر .پيرسن عورت ٿڏي تي فوت .سندس پٽ زخمي.پوليس پھچي ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ڪيس داخل ن ٿيو تفصيل موجب ھنڱورجا قومي شاھراھ تي لال بخش اسٽاپ سامھون تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل جي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ملھيراڻي سولنگي جي رھواسي پيرسن عورت مسمات پناھ خاتون سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏنھن تہ سندس پٽ صدام حسين سولنگي زخمي ٿي پيو. ھنڱورجا پوليس پھچي فوتي ۽ زخمي کي ھنڱورجا اسپتال منتقل ڪيو ضروري ڪارروائي بعد پيرسن عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ھنڱورجا پوليس حادثي واري جاء تي پھچي ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي جڏنھن ت ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو. ٻي پاسي فوتي عورت جو لاش ڳوٺ ملھيراڻي سولنگي ۾ سندس گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو .آخري اطلاع تائين روڊ حادثي جو ڪو بہ ڪيس داخل ن ٿي سگھيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ