جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ گسٽا سنڌ ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

سنڌي خبرون 18th Aug 2025 299 مناظر
نوشهروفيروز ۾ گسٽا سنڌ ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

گورنمينٽ مدرسه ڪئمپس هاءِ اسڪول ۾ استادن ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو

نوشهروفيروز(ڊر)گسٽا سنڌ ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سنڌ سرڪار پاران وفاقي سرڪار جي مطابق وڌايل ڊي آر اي الائونس نه ڏيڻ ۽ پينشن مان ناجائز ڪٽوتي ڪرڻ خلاف ڏنل احتجاجي سڏ تي گورنمينٽ مدرسه ڪئمپس هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾ استادن ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ان موقعي تي گسٽا جي ضلع صدر محمد پريل ڪاڪيپوٽو يونٽ صدر جاويد احمد وسطڙو ۽ ٻين چيو ته پينشن ڪٽوتي کي رد ڪيون ٿا، ۽ اسان سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته وفاقي سرڪار جي طريقيڪار مطابق وڌايل ڊي آر اي الائونس فوري طور تي ملازمن کي ڏنو وڃي. پينشن مان ٿيندڙ ناجائز ڪٽوتيون ختم ڪري رٽائرڊ ملازمن کي سندن حق پورو ڏنو وڃي. جيڪڏهن جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج وڌيڪ شدت اختيار ڪندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ