ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

هگورجا ۾ اڳوڻي ڊي اي او پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو جي مان آجياڻو

سنڌي خبرون 20th Apr 2026 300 مناظر
هگورجا ۾ اڳوڻي ڊي اي او پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو جي مان آجياڻو

آجياڻي ۾ ڊگري ڪاليج جو پرنسپال نور الدين شيخ، ٽي اي او لياقت لاڙڪ ۽ ٻيا به شريڪ

هگورجا(رپورٽر)گسٽا اڳواڻ استاد قام حسين واٽيو پاران سابق ڊي اي او پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو جي مان ۾ واٽيا هائوس هنگورجا ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ ڊگري ڪاليج هنگورجاجي پرنسيپال پروفيسر نورالدين شيخ، تعلقا ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري سوڀو ديرو لياقت علي لاڙڪ، تعلقا ايجوڪيشن آفيسر بختيار چنا، فوڪل پرسن وقار حطار، ٽائون ڪميٽي هنگورجا جي ڪائونسلر استاد امداد سومرو سميت علائقي جي معززين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔ تقريب کي مقررين خطاب ڪندي چيو ته پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو جون تعليمي خدمتون هميشه ياد رکڻ جوڳيون آهن، جن جي ڪوششن سان خيرپور ۾ سوين بند پيل اسڪول کوليا ويا ۽ ڪيترن ئي اسڪولن تان قبضا ختم ڪرايا ويا۔ جڏنھن تقريب کي خطاب ڪندي عبدالسميع ڀنڀرو چيو ت خيرپور ضلعي اندر تعليم جي ترقي ۽ واڌاري لاء رات ڏينھن محنت ۽ جدوجهد ڪئي ڪيترائي بند پيل اسڪول کولرايا . اسان پنھنجي دور ۾ تعليم جي جٿي وٺرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ايمانداري ۽ سچائي سان ادا ڪيو . تقريب دوران مهربان پاران مھمانن کي اجرڪن لنگين جا تحفا پڻ پيش ڪيا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ