جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

خانواھڻ ويجھو نولکي شاخ مان ناياب نسل جي انڌي ٻُلھڻ ھٿ

سنڌي خبرون 14th Dec 2023 327 مناظر

خانواھڻ ويجھو نولکي شاخ مان ناياب نسل جي انڌي ٻُلھڻ ھٿ

نوشهروفيروز (ڊ ر) خانواهڻ ويجهو روهڙي ڪئنال جی نولکي شاخ ۾ هڪ ڊولفن کي ترندي ڏٺو ويو، جنهن جو اطلاع جهنگلي جيوت کاتي کي ڏنو ويو، جنهن بعد وائلڊ لائيف کاتي جي شهید بينظيرآباد ڊويزن جي آفيسر اسد علي مري جي هدايتن تي ان کي راڻي پور ويجهو وائلڊ لائيف نوشهروفيروز ڊپارٽمينٽ جي ٽيم پاران باحفاظت بچايو ويو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي وائلڊ لائيف نوشهروفيروز کاتي جي گيم انسپيڪٽر غلام مرتضيٰ خشک چيو ته گذريل ڏينهن سعیدو جلباڻي ڀرسان ڳوٺاڻن ڊولفن کي ترندي ڏٺو هو. ان وقت ڳولا شروع ڪئي وئي هئي، جنهن کي اڄ راڻيپور ويجهو نولکی مائنر مان ڪڍي سکر ٽيم جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن کي سنڌو درياهه ۾ ڇڏيو ويندو. ان موقعي تي شمس الدين کوسو. محمد ايوب ۽ ٻيا ريسڪيو ٽيم سان گڏ هئا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ