جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

جھمپير پوليس جي ڪارروائي، ھڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 17th Dec 2023 202 مناظر

جھمپير پوليس جي ڪارروائي، ھڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٺٽو(شفيق ڀٽي) جھمپير پوليس بہ ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون، جهمپير پوليس ڪاروايون ڪندي جھمپير ٿاڻي تي موٽر سائيڪلن ۽ ڦرن جي ڪيسن ۾ گهربل ڏوھاري جوابدار اشرف عرف اشرو جانوري کي گرفتار ڪري مٿس وڌيڪ ڪيس داخل ڪري ورتا آھن، جنھن تي الزام اھي تہ ھن جھمپير شھر سميت مختلف ھنڌن تان ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون چوري ڪرڻ سميت بين بہ ڪيترن ئي ڏوھي وارداتن ۾ ملوث اھي. جنھن جو پوليس ڪرمنل رڪارڊ طلب ڪري جانچ جي دائري کي وسيع ڪري ڇڏيو آھي. جھمپير پوليس موجب گرفتار جوابدار کي سڀاڻي (اڄ) ٺٽي جي عدالت ۾ پيش ڪري سندس رمانڊ ورتو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ