جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

گلشن حديد مان گم ٿيل طيبه جي امڙ اڌ رات جو پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي تي پهچي وئي

سنڌي خبرون 27th Mar 2026 341 مناظر
گلشن حديد مان گم ٿيل طيبه جي امڙ اڌ رات جو پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي تي پهچي وئي

نياڻي طيبه ڪجهه ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي، تمام گهڻا پريشان آهيون: امڙ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد مان گم ٿيل معصوم نياڻي طيبه جي ماءُ آڌي رات قرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي اسٽيل ٽائون ٿاڻي پهچي وئي ۽ پنهنجي ڌيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي پوليس کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو۔وارثن موجب نياڻي طيبه ڪجهه ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي، جنهن بعد گهر ۾ سخت پريشاني ۽ بيچيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي۔ نياڻي جي ماءُ جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود سندس ڌيءَ بابت ڪا واضح ڄاڻ نه ملي سگهي آهي، جنهن سبب هوءَ سخت پريشان آهي۔ نياڻي جي ماءُ آڌي رات قرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي اسٽيل ٽائون ٿاڻي پهچي وئي، جتي هن پوليس عملدارن اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته سندس ڌيءَ کي فوري طور بازياب ڪيو وڃي۔ هن اپيل ڪئي ته پوليس معاملي کي سنجيدگي سان وٺي ۽ جلد کان جلد نياڻي کي ڳولي وارثن حوالي ڪيو وڃي۔ واقعي دوران علائقي واسين پڻ ٿاڻي ٻاهران گڏ ٿي ويا ۽ ماءُ سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پوليس کان مطالبو ڪيو ته گم ٿيل نياڻي جي بازيابي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن۔نياڻي جي وارثن چيو ته هو اڳ به پوليس سان رابطو ڪري چڪا آهن، پر اڃا تائين ڪا خاص اڳڀرائي سامهون نه آئي آهي۔ هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ ۽ معاملي کي جلد حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔پوليس ذريعن موجب نياڻي جي ڳولا جاري آهي ۽ مختلف پهلوئن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وارثن مطالبو ڪيو آهي ته سندن نياڻي کي محفوظ بازياب ڪري جلد کان جلد گهر واپس آندو وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ