جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ آڪاش انصاري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، سندس فن فڪر تي اديبن رايا ڏنا

سنڌي خبرون 24th Feb 2025 166 مناظر
شڪارپور ۾ آڪاش انصاري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، سندس فن فڪر تي اديبن رايا ڏنا

ازرڪ پبليڪيشنز اينڊ رائٽرس فورم طرفان ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي المياتي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ آڪاش انصاري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو, سندس فن فڪر تي اديبن رايا ڏنا, ازرڪ پبليڪيشنز اينڊ رائٽرس فورم شڪارپور طرفان اڄ شام ڌاري سنڌ جي ٻھڳڻي، روايت شڪن، تبديلي ۽ سونھن پسند شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي المياتي وڇوڙي جي مناسبت سان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. جنھن ۾ شڪارپور جي شاعرن، اديبن ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙن شخصيتن شرڪت ڪئي. هن تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڊاڪٽر عامر عباس سومرو، غلام علي گل ميمڻ، ڊوالفقار سومرو، نسيم بخاري ،عابد نياز ميمڻ ، ڊاڪٽر گھنشام داس پروفيسر اياز سائر، امتياز منگي، ڪاشي ميمڻ ۽ ٻين پاران شرڪت ڪئي وئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ