بدھ، 25 نومبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ محرابپور ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو احتجاج

سنڌي خبرون 25th Nov 2026 2 مناظر
نوشهروفيروز ۾ محرابپور ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو احتجاج

رياض کوکر، اختر حسين چوهاڻ جاويد پريم ، امير بخش ۽ ٻين احتجاج ڪيو

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ محرابپور ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ال پاڪستان لوڪل گورنمينٽ جي مرڪزي اڳواڻ ڪشن راجہ، رياض حسين کوکر، اختر حسين چوهاڻ جاويد پريم ، امير بخش، شوڪت مڱڻهار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا حقن جي حاصلات لاءِ نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي ٽائون ڪميٽي محرابپور جي ملازمن چيو ته ٽائون ڪاميٽي محرابپور جو چيئرمين جاويد ميمڻ، ٽي ايم او آفتاب ملاح ۽ سندن کاٽو پٽ ڪلارڪ بلال آرائين جائز پگهارون، پينشن ۽ رهيل ڊفرنس گهرڻ تي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان محرابپور ۾ ڪيتري عرصي کان جائز حقن جي حاصلات لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيون پيا پر مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ موت مار ڌمڪيون ملي رهيون آهن هنن چيو ته ٽائون ڪميٽي محرابپور جي بجيٽ 3 ڪروڙ 85 لک روپيا بجيٽ هوندي به غريب ملازمن جيڪي صفائي ڪن انهن جي پگهارن مان عملدار ڪٽوتي ڪن ٿا جيڪا ملازمن سان وڏي زيادتي آهي ھنن اڳواڻن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بلديات جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته ملازمن کي ڌمڪيون ڏيڻ بجاءِ وڌايل پگهارون ،پينشن توڙي ڊفرنس ڏئي انصاف ڪيو وڃي جي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ