جمعہ، 06 نومبر 2026
بریکنگ

ٺٽو: زهريلو تيل پيئڻ سبب 4 ٻڪريون مري ويون، مالوندن جو دڪاندار خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 19th Sep 2025 185 مناظر
ٺٽو: زهريلو تيل پيئڻ سبب 4 ٻڪريون مري ويون، مالوندن جو دڪاندار خلاف احتجاج
ٺٽو(ڊر) ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني يوسي ڄنگھڙي جي ڳوٺ محمد الرحيم پالاري جي رھواسي مالوند ماڻھن عمران علي ولد ٻٻر پالاري، جمن پالاري ۽ پوڙھو جاکرو صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو اھي تہ ھنن ٿاڻو بولاخان مان ھڪ دڪاندار کان ٻٻر پالاري جي چوپائي مال ٻڪرين کي تيل ڏيڻ لاء تيل ورتو، جيڪو تيل ٻڪرين کي پيارڻ بعد ٻٻر پالاري جون 4 ٻڪريون موقعي تي مري ويون آھن ۽ 4 بڪريون مرڻ جي ويجھو اچي پھتيون آھن. ھنن چيو تہ دڪاندار کين زھريلو تيل ڏنو آھي، جيڪو ٻڪرين کي پيارڻ بعد کين وڏو نقصان پھتو آھي، ھنن چيو تہ ٻڪريون مرڻ بعد اسان ساڳئي دڪاندار وٽ وياسين پر ھو مڃڻ لاء تيار ناھي، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ھنن چيو تہ سندن گذر جو وسيلو اھو چوپايو مال آھي، اگر اھو ختم ٿي ويو تہ وٽن ڪجھ بہ نہ رھندو. ھنن وس وارن کان گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائي کين زھريلو تيل ڏيندڙ دڪاندار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، جيئن وڌيڪ مالوند ماڻھون نقصان کان بچي سگھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ