بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

جاپان جي 13 رڪني سياحتي وفد جي سنڌ جي قديمي ماڳ موھن جو دڙو آمد

سنڌي خبرون 19th Mar 2024 329 مناظر

جاپان جي 13 رڪني سياحتي وفد جي سنڌ جي قديمي ماڳ موھن جو دڙو آمد

موهن جو دڙو(رپورٽر)جپان کان 13 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جي وفد جنهن ۾ عورتون پڻ شامل هيون مسٽر سليم بيگ جي نگراني ۾ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. جپان جو پرڏيهي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا ۽ ميوزيم سميت ٻين قديمي آثارن جو پڻ دورو ڪيو، پرڏيهي وفد کي موهن جي دڙي تي مقامي گائيڊ ارشاد علي سولنگي موهن جي دڙي جي قديمي آثارن بابت مڪمل ڄاڻ ڏني. جپان جي آيل وفد جي اڳواڻ مسٽر سليم بيگ ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته جپان جي هن وفد جو موهن جي دڙي تي هي پهريون دورو آھي. جپان جي سياحن وڌيڪ چوڻ هو ته سندن وڏي خواهش ھئي ته هو پاڪستان وڃي قديم تهذيبون گهمي ڏسن. چپاني سياحن دعويٰ ڪئي تہ سنڌ جي هن عظيم تاريخي ماڳ موهن جو دڙوکي ڏسي کين حيرت ٿي آهي. هنن چيو تہ سنڌ جا ماڻهو دنيا کان گهڻو اڳ سڌريل ۽ تهذيب يافتہ هئا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ