جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

حضرت صوفي فقير عبداللہ مسڻ رحہ جو ساليانو عرس پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو

سنڌي خبرون 29th Jul 2025 300 مناظر
حضرت صوفي فقير عبداللہ مسڻ رحہ جو ساليانو عرس پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو

ٽن ڏينهن واري عرس جو سجاده نشين صوفي فقير جکرو مزار تي چادر چاڙهي افتتاح ڪندو

ٺٽو(ڊ ر) حضرت صوفي فقير عبداللہ مسڻ رحہ جن جو ساليانو چوئيتاليھون 3 روزہ عرس مبارڪ تاريخ 6 صفر کان 9 صفر 1447 ھجري مطابق 1 آگسٽ کان 4 آگسٽ 2025 تائين سندن آخري آرامگاهه درگاھ مسڻ شريف شھر ٺٽي ۾ روايتي صوفياڻي طور طريقي سان ملھايو پيو وڃي، حسب دستور درگاھ شريف جو سجادہ نشين صوفي فقير جکرو مسڻ سائين 6 صفر جمعي جي شام مزار شريف تي گلن جي چادر چاڙھي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪندو، روزانہ طالبن عقيدتمندن طرفان راڳ ويراڳ ساڻ چادر ۽ ميندي آندي ويندي، شام جو 6 بجي درگاھ شريف جي احاطي ۾ ڪچھري جو راڳ ٿيندو، رات جو عام لنگر بعد صوفياني محفل ٿيندي، جيڪا سڄي رات ھلندي رھندي ۽ اھو سلسلو مسلسل ٽي ڏينھن ھلندو، سنڌ جا مشھور صوفي راڳي عارفانہ ڪلام پيش ڪندا، سومر ڏينھن بعد ذڪر جي دعا ٿيندي، جنھن ۾ سنڌ جي مختلف درگاھن جا گادي نشين ۽ صوفي مسلڪ سان وابستہ فقير شامل ٿيندا، اھڙي پڌرائي يادگار ڪاميٽي پاران ڪئي ويئي اھي، جنھن سڀني حق جي پانڌيئڙن کي شرڪت جو سڏ ڏنو آھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ