جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

لاڙڪاڻو: ڌامراهه ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

سنڌي خبرون 26th Nov 2025 307 مناظر
لاڙڪاڻو: ڌامراهه ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

هٿياربند مينهن جي واڙي ۾ گهڙي علي رضا ڌامراهه کي گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار

لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻو ڀرسان ڌامراهه ٿاڻي جي حد ۾هٿياربندن مينهن جي واڙي ۾ گهڙي ننڊ ستل 22 ورهين جي نوجوان علي رضا پٽ عبدالرزاق ڌامراھ کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا بعد ۾ زخمي کي علاج لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارث شاهه رخ ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، گذريل رات دير سان هٿياربندن ننڊ ستل سئوٽ علي رضا کي گولي هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ