ڪراچي: سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسي ايشن (سموٽا) طرفان ڪارو ڏينھن ملھايو ويو
ڪراچي: سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسي ايشن (سموٽا) طرفان ڪارو ڏينھن ملھايو ويو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسي ايشن (سموٽا) طرفان انتظاميه پاران مختلف استادن ۽ ملازمن کي وارننگ، ليٽر ڏيڻ ۽ رينٽل سيلينگ الائونس جي نوٽيفڪيشن تي عمل نه ڪرڻ خلاف اڄ يونيورسٽيء ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي انتظاميا جي طرفان انتقامي ڪاررواين ۽ ملازمن جي مالي استحصال جي ڪاروائين خلاف پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. وائس چانسلر جي طرفان، ملازمن جي حقن لاءِ آواز کي دٻائڻ لاءِ انڪوائري ۽ جبري بدلي ڪرڻ جهڙن عملن ۽ يونيورسٽي ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي روز جو معمول بڻجي ويو آهي، نه صرف اهو بلڪي محترم استادن کي مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن. سينيٽ ميمبرن وائيس چانسلر سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ کي ملازمن جي جائز حقن ۽ مبينا مالي بي ضابطگين، اقربا پروري ۽ ٻين اهم معاملن بابت آگاهه ڪرڻ لاء خط لکيا ۽ ملاقات لاءِ چيو پر هن وقت تائين ڪو به مثبت جواب نه مليو آهي. نه وري ان حوالي سان ڪا به اڳڀرائي ٿي سگهي آهي، انهن ڌيان ڇڪا ئيندڙ نوٽيس کانپوءِ انتظاميا پاران محترم استادن ،ملازمن خلاف انتقامي ڪاررواين جو سلسلو تيز ڪري ڇڏ يو آهي. وائيس چانسلر پاران ڪو خاطر خواهه عمل نه ڪيو ويو ته يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکي اداري جي مالي بي ضابطگين جي نشاندهي به ڪئي آهي ۽ انهن تي سوال بہ اٿاريا آهن. ملازمن ڪيترائي ڀيرا مطالبو ڪيو آهي ته 2022ع کان جاري ڪيل سيلنگ الائونس جي نوٽيفڪيشن تي عمل ڪيو وڃي، اهو الائونس سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ۾ پڻ ڏنو پيو وڃي ٿو، جنهن سبب ٻين ادارن جي ڀيٽ ۾ جامع سنڌ مدرسي جا ملازم پڻ سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ڪيترن ئي ملازمن کي پروموشن ۽ اپ گريڊيشن کان محروم ڪيو ويو آهي صدر سموٽا اسسٽنٽ پروفيسر امين ڇڄرو وائيس چانسلر ۽ انتظاميه جي اهڙي غير منصفاڻي رويي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي متاثر ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سمورا مسئلا جلد حل ڪيا وڃن ۽ اداري جي هر ملازم سان ٿيندڙ ناانصافين جو احتساب ڪيو وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته انتظاميا مسلسل ڌمڪيون ڏئي رهيا آهي، هاڻي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، اداري ۾ ڪنهن سان به بدتميزي برداشت نه ڪئي ويندي، اهڙن عملن سان اداري جي ساک به متاثر ٿي رهي آھي.