نوشهرو فيروز شھر ۾ منشيات جو سر عام وڪرو جاري
نوجوان منشيات واپرائڻ بعد گھٽين ۾ بيھوش حالت ۾ ملڻ لڳا، پوليس ننڊ سُتل
نوشهرو فيروز (ڊر) شھر ۾ منشيات جو سر عام وڪرو ٿيڻ لڳو آھي. نوجوان منشيات واپرائڻ بعد گھٽين ۾ بيھوش حالت ۾ ملڻ لڳا آھن جنھن ڪري شھرين ۾ تشويش جي لھر ڊوڙيل آھي. نشي ۾ ڌت نوجوانن جون گھٽي ۾ ڪريل حالت ۾ تصويرون پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آھن. ٻئي طرف شھر ۾ ڪڪا شاھ پاڙي ۾ منشيات جي اڏي تي ھر نشي آور شئي عام ملي ٿي، چرس، ھيروئن، آئيس کلي عام وڪرو ٿيڻ ڪري نوجوان نشئي ٿي ويا آھن ۽ اھي نشي جو پرائو ڪرڻ لاءِ چوريون ڪرڻ تي مجبور آھن. جڏھن ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي.