جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ جي مختلف روڊن تي روٽري ڪلب پاران چمڪندڙ بتيون مهم جو آغاز

سنڌي خبرون 03rd Jan 2025 90 مناظر
عمرڪوٽ جي مختلف روڊن تي روٽري ڪلب پاران چمڪندڙ بتيون مهم جو آغاز
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) روٽري ڪلب اَمراڻو عمرڪوٽ جي مختلف روڊن تي وڌندڙ حادثن ۽ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي صدر سيد مناب علي شاهه بخاري جي ڪوششن سان چمڪندڙ بتيون مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ کان مهم جو آغاز ڪيو ويو، جنهن ۾ صدر سيد مناب علي شاهه بخاري، روٽري ڪلب اَمراڻو عمرڪوٽ، رسول بخش رحيمداڻي، روٽري ڪلب هوپ عمرڪوٽ جا صدر پريم بنجارا، ميمبر محمد زمان کوسه، ڌرمداس نرڀاڻي، صحافي محمد اسلم مهر ۽ ٻيا عمرڪوٽ پوليس سان گڏ چمڪندڙ بتيون، مختلف رنگن جا رڪشا، موٽر سائيڪلن، ٽريڪٽر ٽراليون جن تي لڳايا ويا، عمرڪوٽ پريس ڪلب تي خطاب ڪندي صدرِ سيد مناب علي شاهه چيو ته اسان ايس ايس پي عمرڪوٽ جا شڪرگزار آهيون جن هن خير جي ڪم ۾ ڀرپور تعاون ڪيو،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ