نوشھروفيروز ۾ ٽڪ ٽاڪر جو گھر مان چوري خلاف احتجاجي مظاھرو
ڪجهه ڏينهن اڳ گھر مان موبائيل فون ۽ ٻيو اسمان چوري ٿي ويو، پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري: ساجدھ
نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ ڀريا جي ڳوٺ عثمان سولنگي جي رهواسي ناري ساجدہ نوجوان فدا حسين سولنگي سان گڏ پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدارن منهنجي گهر مان موبائيل فون چوري ڪري ويا جن جي سڃاڻپ غلام محمد سولنگي، شعبان علي ۽ زاهد سولنگي جي نالن سان ٿي پوء ڀريا سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هي مسئلو سائيبر ڪرائيم وارن جو آهي هنن چيو ته جوابدارن کي سڃاتو آهي پوليس ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا زيادتي آهي پندرنهن ڏينهن کان رلندا وتون ٿا پر ڪير به چوري واپس ڪرائڻ ۾ مدد نه ٿو ڪري هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.