ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

گڏاپ ويجھو غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن جو ٻارڙن سميت ڌرڻو

سنڌي خبرون 10th Nov 2023 278 مناظر

گڏاپ ويجھو غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن جو ٻارڙن سميت ڌرڻو

گڏاپ (رپورٽر) ڪراچي سنڌي اڪثريتي علائقي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ G بلاڪ کي ڊاهڻ لاء ڊي سي ڪراچي اوڀر پاران مختلف ادارن جو اجلاس اڄ 11 نومبر تي طلب ڪيو ويو آھي جنهن پوليس رينجرز ۽ ٻيا اداره شامل آھن, ان اجلاس ۾ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ G بلاڪ ڊاهڻ لاء حڪمت عملي جوڙڻ شامل آھي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو دانهيندي محرم راڄپر چيو ته بلڊر مافيا ڪورٽ کي گمراه ڪري اسان جي ڳوٺ ڊاهڻ جو آرڊر حاصل ڪري انتظاميا جي ملي ڀڳت سان اسان جو ڳوٺ ڊاهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. پر اسان مرڻ مارڻ بنا پنهنجو ڳوٺ ڊاهڻ ڪونه ڏينداسين مطلب ته اسان هر قسم جي مزاحمت ڪرڻ لاء تيار آھيون. محمود جمالي چيو ته پوليس عدليا ۽ انتظاميا کي ملڪ دشمن افغانين بنگالين برمين ۽ جو آباديون نظر ئي ڪو نه پيو اچن, نااهل انتظاميا ڪراچي جي سنڌي وسندين کي پنهنجو نشانو بڻائي رهيا آھن, هن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي گيس جا ميٽر پڻ لڳل آھن جيڪڏھن اسان جو ڳوٺ جعلي آھي ته بجلي گيس جا ميٽر سرڪار ڪيئن ۽ ڇو ڏنا. ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته بلڊر مافيا ۽ تعصب پرست انتظاميا کي ڪراچي جا سنڌي ڳوٺ اک ۾ ڪنڊو محسوس ٿي رهيا آھن ته هو پنهنجي اکين جو علاج ڪرائين.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ