جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽي واسي نوجوان جو سئوٽن خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 09th Mar 2026 354 مناظر
ٺٽي واسي نوجوان جو سئوٽن خلاف احتجاج

سئوٽ خانداني ملڪيت تي قبضو ڪري رهيا آهن: جاويد عباسي

ٺٽو ( شفيق ڀٽي) ٺٽي شھر جي رهواسي جاويد عباسي عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته وارڊ نمبر 4 شاهه ڪمال محلي ۾ موجود سندن خانداني ملڪيت تي سندس سئوٽ رفيق عرف بابو عباسي، لياقت عرف پپي عباسي، شوڪت عباسي ۽ معراج عباسي مبينا طور قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جاويد عباسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مذڪوره گهر خانداني وراثتي ملڪيت آهي جنهن ۾ قانون موجب سندس به حصو بڻجي ٿو، پر کيس پنهنجي جائز حصي کان محروم رکڻ لاءِ نه رڳو رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن پر کيس مبينہ طور جان جي خطري ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان جي وراثتي قانونن ۽ ملڪيت بابت لاڳو قانون موجب هر وارث کي پنهنجي حصي جو حق حاصل آهي، پر مذڪورہ ماڻھو اثر رسوخ استعمال ڪري زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جاويد عباسي ايس ايس پي ٺٽو، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي خانداني ملڪيت بابت تڪرار جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ کيس قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيئن هو پنهنجي جائز حق کان محروم نه رهي. هن چيو ته جيڪڏهن کيس انصاف نه مليو ته هو اعليٰ اختيارين ۽ عدالتن سان پڻ رجوع ڪندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ