جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺارو شاھھ ويجھو نوشھروفيروز واسين ٻن ڄڻن کان ھٿيارن جي زور تي ڦرلٽ

سنڌي خبرون 12th Nov 2023 280 مناظر

ٺارو شاھھ ويجھو نوشھروفيروز واسين ٻن ڄڻن کان ھٿيارن جي زور تي ڦرلٽ

نوشهروفيروز(ڊ ر) ٺاروشاھ ۾ ھريپور ريلوي ڦاٽڪ وٽ نوشهروفيروز جي رهواسين کان سوا لک روپيا روڪ ۽ 2 موبائل فونون ڦر، بيڪري سيلزمين عرفان تاج ميمڻ ۽ ثاقب عمران ميمڻ جي چئن ھٿياربندن سوزوڪي روڪي سندن مٿان پسٽل تاڻي اها ڦر ڪئي ۽ آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. عرفان تاج ميمڻ ٻڌايو ته سندن پوري ضلعي ۾ بيڪري سامان وڪرو جو ڪاروبار آھي اڳ به اهڙي قسم جون ٻه ڦرون ٿيون آھن پر پوليس اهي به واپس نه ڪرايون، ڦورن اڳيان پوليس بي وس بڻيل آھي ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز ضلعي ۾ امن و امان برقرار رکڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ