ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

دادو ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان پاران احتجاجي ريلي

سنڌي خبرون 27th Aug 2023 291 مناظر

سيد الطاف حسين شاھ مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃ

دادو (عبدلعزيز ٻٻر ) دادو ۾ مرڪزي امام بارگاهه حيدري دادو کان پريس ڪلب دادو تائين شيعہ علماء ڪائونسل پاڪستان ضلع دادو جي صدر سلامت جعفري،سينئر اڳواڻ اشرف علي سخيراڻي ، علامہ سيد سرفراز علي شاهه، سيد حسين شاه، اڳواڻي ۾ سوين شيعان حيدر ڪرار مرڪزي امام بارگاھ حيدري دادو کان پريس ڪلب دادو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ شيعان حيدر ڪرار وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو کي شيعہ علماء ڪائونسل ضلع دادو جي صدر سلامت جعفري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته 23 محرم الحرام تي لائوڊ اسپيڪر تي تقرير ڪندي اهلبيتن جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري سيد الطاف حسين شاھ مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ پوري ضلعي دادوءَ ۾ احتجاجي مظاهرن جو دائرو وڌايو ويندو، احتجاجی ریلی کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان متنازع ناموس صحابہ ترمیمي بل کي مسترد ڪيون ٿا ۽ قائد ملت جعفریہ علامہ سید ساجد علي نقوي جي حڪم تي پهرين ربيع الاول اسلام آباد ملڪ گير احتجاج ۾ شرڪت ڪري ان متنازع بل جي مخالفت ڪنداسين. حتجاجي ريلي ۾ مختلف شيعہ تنظيم جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جنهن ۾ شيعہ علماء ڪائونسل ضلعي اڳواڻ الطاف حسين سخيراڻي، اصغريه علم و عمل جي سيد حامد علي شاهه،مشتاق حسيني، اصغريه آرگنائيزيشن جي الله بچايو انقلابي، مجلس وحدت المسلمین جي منظور خاصخيلي، سيد منتظر مهدي، JSO جي عرفان لغاري، ۽ زوار حبدار ابوذري، سيد موجن شاہ، سيد ديدار شاہ، سيد سردار شاھ، حسن بخش جتوئي، اميرالدين جتوئي، وسيم سومرو، آفتاب جعفری ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ هيا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ