جماعت اصلاح المسلمين برانچ راڻيپور سٽي ۽ برانچ طاهري مرڪز راڻيپور طرفان سيدنا حضرت علي عه جو يوم ولادت ملهايو ويو
ان موقعي تي برانچن جي سليڪشن پڻ ڪئي وئي
خيرپور (رپورٽر) جماعت اصلاح المسلمين برانچ راڻي پورسٽي ۽ برانچ طاهري مرڪز راڻي پور طرفان سيدنا حضرت علي عه جو يوم ولادت ملهايو ويو ۽ برانچن جي سليڪشن پڻ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب راڻي پور ۾ جماعت اصلاح المسلمين برانچ سٽي راڻي پور ۽ برانچ طاهري مرڪز راڻي پور طرفان حضرت علي رضه جن جي يوم ولادت جي سلسلي ۾ هڪ تقريب ٿي گذري جنهن ۾ قرآن ڪريم جا ختم شريف پڙهي ڪري ايثال ثواب ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي خليفه مولانه عبدالقادر طاهري صاحب جن فرمايو ته سڀ کان پهريان ٻارن ۾ ايمان آڻڻ وارو ۽ آنحضرت ﷺ جن جي تصديق ڪندڙ خليفه چارم حضرت علي رضه آهن. پاڻ پنهنجي سڄي دولت پنهنجي آقا جي مٿان قربان ڪئي، پاڻ سفر ، حضر ۽ هر جنگ جي موقعي تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جا رفيق ۽ ساٿي رهيا.
ان بعد جماعت اصلاح المسلمين برانچ سٽي راڻي پور ۽ برانچ طاهري مرڪز راڻي پور جي سال 2026 جي لاءِ سليڪشن ڪئي وئي جنهن ۾ برانچ سٽي راڻي پور جا چونڊيل عهديدار برائي سال 2026:صدر: محترم جناب حافظ امير بخش طاھري، نائب صدر: محترم جناب رحيم بخش راڄپر طاهري، جنرل سيڪريٽري: محترم جناب فراز احمد موجائي طاھري، جوائنٽ سيڪريٽري: محترم جناب اظهر علي سرڪي طاھري، پريس سيڪريٽري :محترم جناب محمد ايوب شر طاھري، فناس سيڪريٽري: محترم جناب منير احمد ميمڻ طاھري، آفيس سيڪريٽري: محترم جناب عبدالغفور موجائي طاھري، اطلاعات سيڪريٽري: محترم جناب علي حيدر راڄپر طاھري، لائبريرين: محترم جناب جان محمد جوڻيجو طاهري، معاون صدر: محترم جناب حضور بخش راڄپر طاهري، جنرل سيڪريٽري فراز احمد موجائي طاهري چونڊيا ويي ۽ آخر۾ ملڪ پاڪستان جي ترقيءَ ۽ سلامتي لاءِ دعا ڪئي وئي.