نوشهروفيروز ۾ غريب ۽ مسڪين جوڙن جي اجتماعي شادي تقريب منعقد
سماجي تنظيم باب العلم هيلپنگ هينڊس جي تعاون سان تقريب منعقد ڪئي وئي
نوشهروفيروز (ڊر) سماجي تنظيم باب العلم هيلپنگ هينڊس جي تعاون سان هڪ سئو غريب ۽ مسڪين جوڙن جي اجتماعي شادين جو پروگرام علي پيليس شادي هال ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻن محمد عباس ۔ سيد ثمر عباس نقوي اعجاز ممنائي۔ مولانا خادم حسين الحسيني محمد قاسم جوڻيجو سوشل ويلفيئر آفيسر شهباز علي سجاد ميمڻ ۽ ٻين چيو ته هن تنظيم طرفان هر سال هي اجتماعي شادين جو پروگرام منعقد ڪرائيندا آهيون جنهن ۾ نهايت مستحق۽ يتيم نياڻين جون شاديون ڪرائي خوشيون محسوس ڪري رهيا آهيون آهن ، جنهن ۾ هر جوڙي کي ننڍو تحفو پيش ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي نياڻيون پنهنجو گهر آباد ڪري سگهن۔ اڳواڻن چيو ته هي انسانيت جو شيوو ۽ مذهبي هم آهنگي پيار رواداريءَ جو اعليٰ مثال آهي۔ اڳواڻن چيو ته هن شادين جي پيغام کي وڌ ۾ وڌ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ اسانجو ساٿ ڏيندا ته جيئن ملڪ مان غربت جو خاتمو اچي ويندو۔