جمعہ، 25 ستمبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ پير پاڳاري ڪالوني واسڻ عورت جو ڀاءُ سميت سھري خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 18th Jan 2024 238 مناظر

مورو ۾ پير پاڳاري ڪالوني واسڻ عورت جو ڀاءُ سميت سھري خلاف احتجاج

مورو( جاني جماڻي) مورو شھر جي پير پاڳاري ڪالوني جي رھواسڻ ٻن ٻارن جي ماء مديحہ زال عرفان ڏاھري پنھنجي ڀاء علي رضا سان گڏ مورو پريس ڪلب م پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ منھنجو مڙس ڪجھہ وقت کان بيمار آھي گھر جو خرچ گھرڻ تان منھنجي سھري علي مردان زبردستي گھر مان ٻن نياڻين امہ حجرہ، امہ حبيبہ سميت گھر مان ڪڍي ڇڏيو آھي جنھن سبب آء مورو جي عدالت م ڪيس داخل ڪيو جنھن مونکي گھر م رھڻ جي اجازت ڏني جڏھن تہ منھنجو سھرو زبردستي گھر مان ٻن نياڻين سميت تڙي ڪڍڻ لاء مختلف ماڻھن کي دروازي تي موڪلي قتل جون ڌمڪيون ڏياري ٿو ھن چيو تہ منھنجي ء منھنجي معصوم نياڻين جي حياتي کي مذڪورہ سھري مان خطرو آھي جڏھن تہ منھنجي مڙس کي پڻ قيد ڪيو ويٺا آھن ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ اسانکي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ